زيب ڪنگو

زيب ڪنگو

زيب ڪنگو

زيب ڪنگو: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر. سندس اصل نالو اورنگزيب ولد قادر ڏنو آھي. پھرين مارچ 1960ع تي، ڳوٺ ڪنگا، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعيلم پنھنجي ڳوٺ مان جڏھن ته مئٽرڪ ۽ پوسٽ گريجوئيشن جون ڊگريون لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيون. 1984ع ۾ سنڌ جي جيل کاتي ۾ ’اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ‘ جيل مقرر ٿيو ۽ 2020ع ۾ سپرنٽنڊنٽ جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. ھن لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. سندس شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ”احساس جون ڪتڪتايون“ (2003ع) ، ٻيو ڪتاب ”خواب رقص ۾“ (2020ع) ۽ ديد جو درشن (2023ع) شايع ٿي چڪا آهن. پير چنڊامي'>اشرف زمان پير چنڊامي، شاعريءَ ۾ سندس استاد رھيو. ڊيوٽي دوران ’پرزن مئگزين‘ ۽ ’سنڌ پرزن رويو‘ رسالن جو (2014ع، 2019ع ۽ 2020ع ) چيف ايڊيٽر ٿي رھيو. هن غزل، گيت، وائي، نظم، چؤسٽا ۽ دوها، ڪنٺ، ٽيڙو نعت ۽ بيت تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي مشھور راڳين: عاشق نظاماڻي، شمن علي ميرالي، غلام علي سنديلي، برڪت علي گوپانگ، نجب علي وسطڙي، مختيار سنڌي، وحيد هڪڙي، سنان خان، امانت علي، وزير علي عمراڻي، اسد ڪنگي ۽ ٻين ڳائي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.03.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر. سندس اصل نالو اورنگزيب ولد قادر ڏنو آھي. پھرين مارچ 1960ع تي، ڳوٺ ڪنگا، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمان ڪورائي فقير
زمان شاهه ساقي
راز بلڙائي
رشيد احمد لاشاري
شاعر
سرور نواز ٻگهيو
ڀڳوانداس مهاراج
خير محمد سوز ٻُرڙو
عالم شير گبول حاجي
روشن تبسم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون